سينٽ پالس هاءِ اسڪول، ڪراچي

سينٽ پالس هاءِ اسڪول، ڪراچي

سينٽ پالس هاءِ اسڪول ڪراچي

سينٽ پالس هاءِ اسڪول، ڪراچي (St. Paul’s High School Karachi): ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ عيسائي مشنرين طرفان قائم ڪيل هي اسڪول اقبال شهيد روڊ، ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. هن نجي هاءِ اسڪول جو بنياد 1941ع ڌاري پيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ هن اسڪول جو آغاز سينٽ پيٽرڪ ڪئٿيڊرل ڪراچيءَ جي ڪمرن ۾ تدريسي عمل سان ڪيو ويو.
هي اسڪول رومن ڪئٿولڪ چرچ جي هٿ هيٺ ڪئٿولڪ بورڊ آف ايجوڪيشن ۽ ڪراچي بورڊ آف ايجوڪيشن سان لاڳو آهي. هن اسڪول جا ڪل چار هائوس آهن. هن اسڪول ۾ ٻه ڪئمپس هلن ٿا، هڪ مارننگ ڪئمپس ۽ هڪ آفٽر نون ڪئمپس. مارننگ (صبح واري) ڪئمپس جو پرنسپل فادر انٿوني مارٽس ۽ آفٽرنون (شام) ڪمئپس جي پرنسپال سسٽر زيٽا آهن. اهي ٻئي ڪئمپس هن ريت ورهايل آهن: هڪ پرائمري ۽ سيڪنڊري سيڪشن ۽ ٻيو ڪيمبرج سيڪشن، جنهن ۾ او ليول جي تعليم ڏني وڃي ٿي. هن اسڪول ۾ هڪ ليبارٽري، ڪمپيوٽر ليب، لائبرري، ننڍو چڙيا گهر (Zoo)، راند جو وڏو ميدان، جنهن ۾ ڪرڪيٽ پچ (Pitch) ۽ باسڪيٽ بال لاءِ ڌار ڌار گرائونڊ آهن. تعليمي ۽ غير تعليمي سرگرمين جي ڪري هي اسڪول ڪراچيءَ جي هڪ معياري اسڪول جي حيثيت ۾ مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو